رسـول حـمزه توف

رسـول حـمزه توف

رسول حمزه توف

رسـول حـمزه توف: نامور داغستاني شاعر، رسـول حمزه توف (Rasul Gamzatov) جو جنم، 8 سيپٽمبر 1923ع تي سوويت روس جي ريپبلڪ داغستان جي هڪڙي ڳوٺ ’سدانامي‘ ۾ ٿيو. رسول حمزه توف ابتدائي تعليم ’آوارين‘ اسڪول مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هن بوئيناڪس جي ماسترن واري ڪاليج آوار ۾ ماستري ڪئي. هن ’آوار‘ ٻوليءَ جي ٿيٽرن ۾ به ڪم ڪيو. پنهنجي ملڪ داغستان جي هڪ اخبار ۾ به ڪم ڪيائين. رسول حمزه توف جي پيءُ جو نالو حمزه اسداسا هو، جيڪو به داغستان جو مشهور عوامي شاعر هو، پر رسول حمزه توف شهرت ۾ کانئس گھڻو اڳتي نڪري ويو ۽ عالمي سطح تي نالو ڪڍيائين. سندس شاعري دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
رسول حمزه توف ننڍيءَ عمر ۾ ئي شاعري شروع ڪئي، سندس پهريان نظم 1937ع ۾ ڇپيا. سندس تخليقي پرواز ۾ ان وقت اضافو ٿيو، جڏهن هو ماسڪو جي ’اداره ادب‘ ۾ داخل ٿيو، جتي کيس نه صرف وڏا وڏا شاعر استاد طور مليا، پر ڪيترا ادبي رفيق به مليا. ماسڪو ۾ ئي رسول حمزه توف کي سٺا ترجمي نگار به مليا، جن سندس آوار ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري روسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ رسول حمزه توف جا چاليهارو مجموعا شايع ٿي چڪا هئا، جنهنڪري کيس وڏي شهرت حاصل ٿي چڪي هئي. سندس آوار ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور نظم ’زهراولي‘ (Zhuravli) اڳتي هلي ’سوويت گيت‘ (Sovet Song) جو درجو حاصل ڪري چڪو. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪيترا نظم مقبول ٿيا. رسول حمزه توف شاعريءَ کانسواءِ پنهنجي آتم ڪٿا ’منهنجو داغستان‘ نالي سان لکي، جيڪا نثر جو هڪ دلچسپ ۽ سهڻو نمونو آهي. ان جو اردوءَ ۾ ’ميرا داغستان‘ نالي سان ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ وليرام ولڀ ۽ ٻين ان جو ترجمو ڪيو آهي. رسول حمزه توف کي داغستان جي عوامي شاعر جو لقب ڏنو ويو آهي. گڏوگڏ کيس‘State Stalin Prize’ (1952ع)، لينن اوارڊ (1963ع)، ’انٽرنيشنل بوتو‘ (International Botev) پرائز (1981ع) پڻ ملي چڪا آهن.
رسول حمزه توف 1994ع ۾ ’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ جي ’بين الاقوامي ڪانفرنس‘ ۾ به شرڪت ڪئي، جتي هن جي سنڌي اديبن سان به ملاقات ٿي هئي ۽ ’پاڪستان جي سمورن صوبن کي قومي ٻوليون‘ قرار ڏيڻ واري ٺهراءَ تي پڻ سندس صحيح موجود آهي.
رسول حمزه توف، 3 نومبر 2003ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
نوٽ: عربي وڪيپيڊيا مطابق سندس نالو رسول حمزاتوف ۽ انگريزي وڪيپيڊيا مطابق Rasul Gamzatovich Gamzatov آھي.


لفظ رسول حمزه توفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.09.08  عيسوي

نامور داغستاني شاعر، رسـول حمزه توف (Rasul Gamzatov) جو جنم، 8 سيپٽمبر 1923ع تي سوويت روس جي ريپبلڪ داغستان جي هڪڙي ڳوٺ ’سدانامي‘ ۾ ٿيو.


2003.11.03  عيسوي

رسول حمزه توف، 3 نومبر 2003ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بائرن
توت فقير
گل محمد آزاد صوفي
سندر مجرم
باغ علي خان خائف
رودڪي
بيوس رضوي
جهامنداس ’عاشق‘
زيب عاقلي
ساحر راهو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون